تهران – 30 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برد??ري و??ري تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ تهران جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران صدر پيز شڪيان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??في?? جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب ??ن نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا سان حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.