اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ ا??له خان چيو آهي ته وزيراعظم اسرائيلي اڳرائي جي هر فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي آهي، ??لس??ينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سامان روانو ڪيو ويندو، اسرائيلي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، مظلوم ??لس??ينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو اهو ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪس??ان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ ا??له چيو ته ٽي ايل پي ??لس??ين جي مظلوم مسلمانن ٿيل ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود آهي، ان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آهن، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ ??لس??ين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اسرائيلي اڳرائي جي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي جاري رکيو ويٺي هئي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آهن، حڪومت ??لس??ين جي مسلمانن لاءِ ڪوششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان 31 جولاءِ کان پهرين ??لس??ين روانو ڪيو ويندو. امدادي سامان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو آهي، اسان جو دنيا کان مطالبو آهي ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسلمان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اسرائيلي اڳرائي جي ڀرپور مذمت ڪئي آهي ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسرائيلي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انهن کي روڪيو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي. تحريڪ لبيڪ پاڪس??ان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري سچي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم ??لس??ينين جي مدد ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، حڪومت زخمي ??لس??ينين کي دوائن جي فراهمي سميت ات?? ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ ??لس??يني زخمين کي آڻي انهن جو علاج ڪيو وڃي. اهڙي طرح ??لس??يني شاگردن لاءِ به اسان جي تعليمي ادارن جا دروازا کليل آهن. هن چيو ته اسان عالمي دنيا کان مطالبو ڪريون ٿا ته ??لس??ين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائي جي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل آهي، ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ان کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.