اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران پنهنجي عوام جي لاءِ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سا?? ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران کيس ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي خوشي ٿي. هن چيو ته اسان خاص طور ??ي واپار ۽ سيڙپڪا??ي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ط??يق?? ۽ علائقائي استحڪام جي لاءِ مضبوط حصيداري کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڀائر ۽ پاڙيسري هجڻ جي ناطي ٻئي ملڪ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ گڏجي هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو گڏيل ويزن رکن ٿا.