بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻ??ن جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چ??ن جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي کي چيني سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏ??ي. ??زيراعظم چي?? ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چي?? ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل ??ظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چي?? ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻ??ن جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چي?? ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چين پاڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽ??ن جي گڏيل ??شاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏ??ي. ??نهي اڳواڻن اتفاق ڪي?? ته ان سان ٻنهي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.