اسلام آباد – 31 – مئي (اي پ?? پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وز??ر جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي ص??رتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ?? عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وز??ر جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ عوام سان عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وز??ر بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ص??رتحال سميت علائقائي ?? عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وز??ر جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ?? نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.