بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏي??ي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهاندي تي ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. پ??ڏي??ي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوائي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار کي سارا??يو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن کي فروغ ملندو.