اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۽ باغ ضلعي خيبر ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي آفيسرن ۽ ج??انن کي خراج تحسين جڏهن ته شهادت ماڻيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم باغ ضلعي خيبر ۾ آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ 5 جوانن نائيڪ محمد اشفاق بٽ، لانس نائيڪ سيد دانش افڪار، سپاهي تيمور ملڪ، سپاهي نادر صغير ۽ سپاهي محمد ياسين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پاڪ فوج جي جوانن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگرد ??نص??ن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، الله تعاليٰ شهيدن جا ??رجا ??لند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ ج??انن ملڪي سلامتي کي سدائين پنهنجي جانين تي فوقيت ڏني. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي ملڪ مان خاتم?? تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.