اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه صوبي جي شهر بشام ويجهو دهشتگرد حملي ۾ 5 چيني شهري ۽ هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت دهشتگردي جي ان ڪڌي فعل جي شديد مذمت ڪري ٿ??، اسان دهشتگردن ۽ ا?? جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي طرح جون ڪڌيون ڪارروايون دهشتگردي جي لعنت جي خلاف وڙهڻ جي پاڪستاني قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. بيان موجب اڄ جي حملي جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي جي دشمنن ڪئ??، اسان اهڙي سمورين قوت?? جي خلاف پوري عزم سان ڪارروائي ڪنداسين ۽ انهن کي شڪست ڏينداسين. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي چيني دوستن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ حملي ۾ مارجي ويندڙ چيني شهري?? جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين ويجها دوست ۽ مضبوط ڀاءُ آهن، پاڪستان ۾ چيني شهري?? جي زندگي ۽ حفاظت انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادار?? جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.