چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وزيراعظم سندس فرزند ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم مرحوم?? جي لاءِ فاتحه پڙهي ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم?? جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحا?? ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ري??نز وارو وزير امير مقام ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواه?? جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود هئا.