واشنگٽن-02 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان پاڪستاني ڄاون آمريڪي واپارين کي ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت جي اولين تر??يح آهي. هن ڪيليفورنيا ۾ قائم پاڪستان آمريڪن چيمبر آف ڪامرس جي چيئرمين وقار علي خان جي اڳواڻيءَ ۾ ورچوئل ميٽنگ ??ور??ن چيو ته اسان جي اولين تر??يح پاڪ- آمريڪا لاڳاپن کي هٿ?? ڏيڻ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاريءَ کي وڌائڻ آهي. موجوده حڪومت مالياتي ادارن کي ملڪي معيشت جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ پُرڪشش مراعتون به ڏئي رهي آهي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ منافعي بخش ڪاروبار شروع ڪرڻ جي راهه ۾ موجود رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن واپاري سرگرمين کي هٿ?? ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي ڪردار کي ساراهيندي پاڪ- آمريڪا واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿ?? ڏيڻ لاءِ آمريڪا ۾ قائم ڪندڙ مختلف چيمبرز ۽ واپاري تنظيمن وچ ۾ وڌ ۾ وڌ تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو.