دبئي – 29 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 82 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي په??ي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دبئي جي المڪتوم عالمي هوائي اڏي تي گڏ??ل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله سل??ان بن عواد النعيمي، گڏ??ل عرب امارات ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمزي ۽ پاڪستاني سفارتي عملي نگران وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ۾ پاڪستا??ي وفد جي س??بر??هي ڪندو. نگران وزيراعظم پهرين ۽ 2 ڊسمبر تي ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم سان گڏ نگران پرڏيهي وزير جل??ل عباس جيلاني، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، موسمياتي تبديلي وارو نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي پڻ ڪوپ – 28 ۾ شرڪت ڪندا.