اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اوورسيز پاڪستانين کي پنهنجي رقم روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ جي ذريعي منتقل ڪ??ڻ جي ترغيب ڏيندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، اوورسيز پاڪستا??يز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نعمان مصطفيٰ جي سربراهي ۾ اوورسيز پاڪستا??يز جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اث??ثو آهن، ملڪي معيشت ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي جي قانوني ۽ محفوظ ذريعي سان منتقلي ملڪي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، روشن ڊيجيٽل پاڪستان اڪائونٽ رقم جي منتقلي جو محفوظ ذريعو آهي جنهن جي استعمال ??ان ملڪي معيشت جي بهتري ۾ ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستا??يز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، حڪومت انهن کي هر ممڪن مدد ۽ سهولت فراهم ڪندي، اوورسيز پاڪستا??يز جي سيڙپڪاري ۽ انهن جي ملڪيتن جي حفاظت حڪومتي ذميواري آهي ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي جي گنجائش نه آهي، اوورسيز پاڪستانين جي حقن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.