اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق ??حم??د خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻ?? ورڇ کي وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي، علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن ??ردار شوڪت ??حم??د جي قيادت ۾ ربجا جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق ??حم??د خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته علائقائي اخبارن کي درپيش مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيون ۽ اهي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته اشتهارن جي منصفاڻ?? ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ مرتضيٰ ملڪ، آسيه خٽڪ، فياض چوڌري، ملڪ آصف، وقار چوڌري، ارشد يوسفزئي، بلال عظمي ۽ ٻيا شامل هئا.