راولپنڊي-27 نومبر (اي پي پي)خيبر پخ??ونخوا جي علائقي بنون ويجهو بڪاخيل ۾ سيڪيورٽي قافلي تي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽ 3 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آپگهاتي حملو ڪندڙ ??ي سڃاڻپ افغان ش??ري??َ طور ٿي، جنهن جو تعلق ڪالعدم ٽي ٽي پي جي حافظ گل بهادر گروپ سا?? آهي. آءِ ايس پي آر ??طا??ق بڪاخيل ۾ موٽر سائيڪل تي سوار آپگهاتي حملو ڪندڙ ??يڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملو ڪندي پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اُڏائي ڇڏيو. آپگهاتي حملي ۾ 2 معصوم شهري شهيد ٿي ويا ۽ 3 فوجي اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر ??طا??ق علائقي ۾ امڪاني طور تي موجود ڪنهن ٻئي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي. پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.