اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ عورتن ۾ ڇاتيءَ ج?? ڪينسر جي سُڃاڻپ ٿئي ٿي، جن مان 35 هزار عورتن کي آخري مرحلي ۾ ان مرض ??ي خبر پوي ٿي ۽ اهي زندهه نه ٿيون رهي سگهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافين سان انٽريڪٽيو سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه عل??ي پڻ ساڻس گڏ هئي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ت?? اسٽيج ون ۾ ڇاتيءَ ج?? ڪينسر جي سُڃاڻپ ۾ بيماري جي اسٽيج 3 ۽ اسٽيج 4 مرحلي جي مقابلي ۾ زندهه رهڻ جي شرح وڌيڪ آهي. هن علاج بدران احتياطي تدبيرن تي زور ??نو ڇو ت?? حڪومت وٽ ڇاتيءَ ج?? ڪينسر جي اسڪيننگ ۽ آنڪولوجي جي طريقيڪار سميت طبي علاج جي ناقابل برداشت خرچ لاءِ وسيلا گهٽ آهن. هن عورتن کي ان بابت تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو ت?? اهي غيرمعمولي گلٽي جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ماهوار پاڻ معائنو ڪيئن ڪن ۽ فوري طبي مدد حاصل ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪن. صدر ياد ڏياريو ت?? گذريل سال پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي سندس تجويز تي ڇاتيءَ ج?? ڪينسر بابت 120 ملين ڪال ويٽنگ پيغام موڪليا هئا. صدر صحافين تي زور ڏنو ت?? اهي پنهنجي لکڻين ۽ ٽيليويزن پروگرامن ۾ ان موضوع کي اجاگر ڪري ڇاتيءَ ج?? ڪينسر کان ڪئي سگهجي ٿو. صدر چيو ت?? آئون ۽ ثمينه عل??ي گذريل 5 سالن کان ايوان صدر جي پليٽ فارم تان ڇاتيءَ ج?? ڪينسر جي حوالي سان مسلسل آگاهي مهم هلائي رهيا آهيون. هن صحتمند ۽ متوازن معاشري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومتن ۾ تبديلين جي باوجود صحت ۽ تعليم بابت پاليسين ۾ تسلسل تي زور ڏنو. بيگم ثمينه عل??ي پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي ميڊيا کي ساراهيندي چيو ت?? ان مهم کي آڪٽوبر جي مهيني تائين محدود نه رکيو وڃي ۽ ان کي سڄو سال جاري رکيو وڃي. هن خاندان جي مردن کي حساس بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ت?? جيئن اهي ان بيماري سان واڳيل ڏکن جو مداوو ڪري سگهن ۽ مناسب طبي سارسنڀال حاصل ڪرڻ ۾ عورتن جي مدد ڪن. سيشن ۾ دماغي صحت سميت ٻين صحت جي مسئلن بابت آگاهي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي. صدر عل??ي چيو ت?? تحقيق موجب ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته ان جي لاءِ رڳو 550 سائڪيٽسٽ ۽ 1200 سائيڪالوجسٽ دستياب آهن. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ۽ بيگم ثمينه عل??ي ڇاتيءَ ج?? ڪينسر ۽ دماغي صحت بابت قومي سطح جي ڪوششن بابت صحافين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.