بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت زرعي شعبي ج?? ترقي لاءِ قدم ک??ي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پارا?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽف?? جي صدر لوآن رائيچينگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي زرعي شعبي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت زرعي شعبي ج?? ترقي لاءِ قدم ک??ي رهي آهي، جڏهن ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ به زراعت جي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان نه رڳو زرعي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر زرعي پيداوار جي پراسيسنگ ۽ روانگي واپار ۾ به اضافي جي لاءِ قدم ک??ي رهيو آهي. چائنا آئل اينڊ فوڊ اسٽفس (ڪوفڪو) جي وفد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن جي نگران وزيراعظم آجيان ڪئي.