اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته او آءِ سي جي ڪشمير بابت خصوصي ايلچي يوسف ايم الدوبي ۽ سندس وفد جي پاڪستان ۾ آجيان هڪ اعزاز آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي تي او آءِ سي جي ??سلسل سان حمايت تي ان جا ٿورائتا آهيون. اسلامو فوبيا ۾ عالمي سطح تي اضافي جي ??لاف متحد ٿي ڪوششن جي ??رورت تي زور ڏيندي هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار جي پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهيون.