اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊ??و پاڪستان ڊجيٽل ما??يگ??يشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود استقامت سان ترقي جو سفر جاري رکيو. اهڙو اظهار هن هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريسورس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ ريڊ??و پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سفر جاري آهي، ريڊ??و پاڪستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽلائ??ز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته اسان ريڊ??و پاڪستان جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي طرف وڃي رهيا آهيون، ڊي آر ايم ٽرانسميٽر لڳائڻ سان ريڊ??و پاڪستان جي نشريات سڄي ملڪ سميت پاڙيسري ملڪن تائين دستياب هوندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي سبب ريڊ??و پاڪستان جي آپريشنل لاڳت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي، ان ٽيڪنالاجي ??ان هڪ ٽرانسميٽر ڪيترن ئي پروگرامن جي رسد ڪندو، جڏهن ته ان سان بجلي جي استعمال ۾ پڻ بچت ٿيندي، هن چيو ته بهترين معيار جي آڊيو سگنلز کانسواءِ ڊي آر ايم ٽرانسميٽر ايمرجنسي وارننگ سسٽم سان به ليس آهن جيڪي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي الرٽ به جاري ڪري سگهندا، اهڙي طرح ڊاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي آفت سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين کي ڪاميابي سان انجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي لڳائڻ ۾ تعاون تي ڊي آر آيم ڪنسوريشم خاص ڪري چيئرپرسن رڪزيندر اوبرريجا جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڊي آر ايم ڪنسوريشم جي مسلسل تعاون ۽ ريڊ??و پاڪستان جي انتظاميه ۽ انجينئرز جي گڏيل ڪوششن ??ان اميد آهي ته ويجهي مستقبل ۾ ڊجيٽل رول آٽ مڪمن ٿيندو. هن چيو ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊ??و پاڪستان جا 76 سالن جو شاندار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿيندو. نگران وفاقي وزير ريڊ??و پاڪستان جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي آر ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي کي ان جي پختي جذبي، محنت ۽ لگن تي دلي ??با??ڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته انهن جي محنت، لگن عيوض هڪ خواب حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.