اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ليبيا جي اتر اوڀر حصي ۾ شديد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي ليبيا جي عوام ۽ حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??وڏ سان انساني جانين جي زيان ۽ زندهه بچي ويندڙن کي پهچندڙ تڪليفون انتهائي افسوسناڪ آهن ۽ اسان هن م??ڪل وقت ۾ ليبيا جي عوام سان يڪجهتي سان ??ڏ بيٺل آهيون. بيان موجب ليبيا ۾ پاڪستان جو سفارتخانو صورتحال جي ن??را??ي ڪري رهيو آهي ۽ ڪميونٽي جي ممڪن مدد جي لاءِ مقامي عملدارن سان رابطي ۾ آهي.