اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جاني خ??ل خودڪش حملي جي شهيدن جي ??ون??يرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي شهيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر 21 آگسٽ تي بنون ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار صن??بر علي، حوالدار آفتاب احمد ۽ حوالدار محمد عارف جي ??ون??يرن سان تعزيت جو اظهار ??يو. هن حوالدار محمد عمران، سپاهي احمد علي، سپاهي محمد حسيب اڪبر جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف علوي سپاهي ذيشان نزاڪت، عبدالرشيد ۽ وارث علي جي ??ون??يرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن کي سلام پي?? ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. هن شهيدن جي خاندانن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.