ڪوئٽه_27 آگسٽ(اي پي پي) نگران وزيراعظم انور الحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ??ئي آهي، ميڊيا آفيس جي جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي قبائلي اڳواڻن جي وفد وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، نگران وزيراعظم سمو??ن اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، نگران حڪومت ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ بلوچستان جي ڪردار کي وڌا??ڻ لاءِ بنيادي ڍانچي، بجلي ، پاڻي ۽ ٻيا سمورا وسيلا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ان موقعي تي بلوچستان جو نگران گورنر عبدالولي ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي پڻ موجود هئا.