ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پ??ڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ وفد نگران وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي پراڻي مسئل?? بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته سمورن مسئلن کي جلد کان ج??ل حل ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آ??دا ويندا. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. وفد ۾ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، قائم علي شاهه، سيد مراد علي شاهه ۽ سعيد غني شامل هئا.