ڪان مهترزئي-20 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي اباڻي علائ??ي ڪان مهترزئي قلعه سيف الله ۾ عوامي اجتماع کي ٽيل??فو??ڪ خطاب ڪندي چيو ته هو جلد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ??ان مهترزئي جو دورو ڪري شهرين کي درپيش مسئلن جو ذاتي طور جائزو وٺندو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اهڙو اظهار هن ڪان مهترزئي واسين کي ٽيل??فو??ڪ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته هو علائقي جي سڀني سياسي قيادت، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، سول سوسائيٽي ۽ وڪيلن طرفان نگران وزيراعظم جي ??امزدگي تي مبارڪون ڏيڻ تي شڪر گذار آهي، وزيراعظم پروگرام جو انتظام سنڀاليندڙن جو خاص طور تي ٿورو مڃيندي چيو ته ڪان مهترزئي، ق??عه سيف الله کي ملڪ جي ??ين علائقن جي برابر آڻڻ ۽ پٺتي پيل حالتن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، ق??عه سيف الله ۽ بلوچستان جي ??ين علائقن ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري روزگار جي ??راهمي ۽ امن امان لاءِ قدم کنيا ويندا. تقريب ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، قبائلي اڳواڻن، عالم سڳورن، صحافين، زميندارن ۽ وڪيلن سميت زندگي جي ??ختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ??ڏي انگ شرڪت ڪئي.