ڪراچي – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مسئلن ۽ چئلينجن جي باوجود پا??ستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي، ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري لاءِ م??لي مسئلن جي باوجود سمورا ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين، ٽيڪسٽائيل نه رڳو معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ پڻ ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ٽيڪسٽائيل ايڪسپو کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيڪسٽائيل ايڪسپو جي منتظمين کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ت?? هن ايڪسپو ۾ ٻاهرئين ملڪ مان به سيڙپڪار شريڪ آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. ٽيڪسٽائيل نه رڳو اسان جي معيشت پر روانگي واپار جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. پنهنجي صنعتڪارن ۽ برآمد ڪندڙن جي ميڊ اِن پا??ستان شين جي برآمد جي لاءِ انهن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ??ا. ??ختلف چئلينجن جي باوجود پا??ستان جي ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ڪاروباري ماڻهن جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ٽيڪسٽائيل جو شعبو بهتر ٿي رهيو آهي. سيڙپڪار پا??ستان اچي خوشي محسوس ڪن ??ا. ??سئلن جي باوجود پا??ستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. ٽيڪسٽائيل سيڪٽر اسان جي روانگي واپار جو مرڪز آهي. هن چيو ت?? پا??ستان جي نيٽ ويئر ۽ گارمينٽس جي عالمي برانڊ پاران طلب، پراڻي ٽيڪسٽائيل ٽيڪنالاجي ۾ جدت هن شعبي جا اهم سنگ ميل آهن. واپار وارو وزير، واپار وارو سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم ۽ پا??ستان ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين زبير موتي والا جي ان شعبي جي بهتري لاءِ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ آهي. هن چيو ت?? ٽيڪسٽائيل جي شعبي جو ملڪي روانگي واپار ۾ 60 سيڪڙو آهي. هن ٽيڪسٽائيل جي شعبي سان واڳيل ماهرن کي چيو ت?? اهي اڳتي اچن ۽ پا??ستان جي روانگي واپار ۽ ان شعبي جي بهتري لاءِ پنهنجون تجويزون ڏين. وزيراعظم چيو ت?? ايندڙ هفتي کان پري بجيٽ اجلاسن جو سلسلو شروع ڪنداسين. ناڻي واري وزير کي پڻ مون سان گڏ اچڻو هو پر هو نه اچي سگهيو، ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ خاص معاون ڊاڪٽر طارق باجوه اسان جي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي مون سان گڏ آهن. م??لي چئلينجن سميت ٻين مشڪلاتن جي باوجود چمڙي ۽ ٽيڪسٽائيل، راندين جي سامان سميت ٻين مصنوعات جو روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا مهيا ڪنداسين. هن ايڪسپو جي شرڪت ڪندڙن کي چيو ت?? اهي ٺوس تجويزن سان اڳتي وڌن. پنهنجي صارفين کي معياري شين جي فراهمي يقيني بڻائين. هن چيو ت?? ان ۾ ڪا لڪل ڳالهه نه آهي ته پا??ستان ٽيڪسٽائيل مصنوعات جي شعبي ۾ پنهنجي پا??يسري ملڪن ۾ ڪيترائي ڀيرا اڳتي هو جڏهن ته بدقسمتي سان اسان پٺتي رهجي وياسين. اسان کي ٻيهر انهي رستي تي گامزن ٿيڻو آهي ۽ پنهنجي روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ڪرڻو آهي، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، ان جي لاءِ واپار وارو وفاقي وزير ۽ ان جي ٽيم اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ايڪسپو جي منتظمين پاران ڀرپور نمائش منعقد ڪرڻ تي انهن کي ساراهيو. ڪراچي پا??ستان جو شاندار شهر آهي ۽ هتي باني پا??ستان دفن آهي. واپار واري وزارت پاران نيشنل ڪمپلائنس سيل قائم ڪيو ويو آهي. جي??و وقت جي ضرورت هئي. اسان يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس جو درجو ڏيڻ تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ت?? اسان ان حقيقت کان آگاهه آهيون ته گڊ گورننس سميت سمورا لوازمات پورا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ت?? اسان قانون جي حڪمراني، ميرٽ ۽ آئين موجب اڳتي وڌڻ تي يقين رکون ??ا. ??ن غيرملڪي شرڪت ڪندڙن کي چيو ت?? اهي اسان جا مهمان آهن انهن جي لاءِ گورنر هائوس جا دروازا کليل آهن. اهي اتي اچي ٽيڪسٽائيل جي شعبي جي حو??لي سان معاهدا ڪري سگهن ??ا. ??اپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ت?? پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول انتهائي سازگار آهي، پوري دنيا کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي ميڊ اِن پا??ستان شيون خريد ڪن. هن چيو ت?? پا??ستان جي ٽيڪسٽائيل مصنوعات انتهائي اعليٰ معيار جون آهن. روس يوڪرين جنگ سان سڄي دنيا جي معيشتن کي بحران درپيش رهيو آهي. هن چيو ت?? روانگي واپار وڌائي معيشت کي مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم جي هن ايڪسپو ۾ موجودگي ان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي بهتري جي عزم جو ثبوت آهي. ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي پا??ستان جي چيئرمين زبير موتي والا چيو ت?? ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پا??ستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، پا??ستان دنيا ۾ ڪپهه پيدا ڪندڙ پنجون وڏو ملڪ آهي. اسان ڊگهو سفر ڪيو آهي هٿ سان ٺهيل شين کانپوءِ هاڻي جديد طرز جي مينوفيڪچرنگ تي اچي چڪا آهيون. هن چيو ت?? اسان دنيا جي هر وڏي برانڊ کي خدمتون ڏيون ??ا. ??اڪستاني ٽيڪسٽائيل پنهنجي معيار جي ڪري دنيا ۾ منفرد آهي. هن شعبي ۾ وڏي صلاحيت آهي. هاڻي ان شعبي ۾ جدت آڻي رهيا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم ايڪسپو جو باضابطا افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم سان گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو. وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، احسن اقبال، سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.