اسلام آباد – 19 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن پشاور جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ريڊيو پاڪستان پشاور جو دورو ڪندو جنهن جي عمارت تي 9 مئي 2023ع تي حملو ڪيو ويو هو. وزيراعظم کي ريڊيو پاڪستان جي عمارت، رڪارڊ ۽ نشريات کي پ??چندڙ نقصان بابت ۽ بحالي جي ڪمن تي بريفن?? ڏني ويندي. وزيراعظم گورنر هائوس به ويندو جتي هن کي امن امان جي حوالي سان بريفن?? ڏني ويندي ۽ خيبرپختونخواهه جي سياسي قيادت به وزيراعظم سان ملاقات ڪندي.