اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پر??يه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوء?? قانونسازن ۽ مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پر??يه?? لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پر??يه?? پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن?? ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.