اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ??ه تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، ا??هن کي خبر آهي ??ه پاڪستان جمهوريت طرف گامزن رهيو ته ا??هن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي ??و اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها، 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوالي سان بل جي پهرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پاڪستان هن وقت مسئلن کي م??هن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، جمهوري، آئيني بحرانن سميت دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو، معاشي بحران جا ڪجهه سبب اهڙا آهن جن تي اسان جو اختيار نه آهي، ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو شديد معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري 33 ملين ماڻهو ۽ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل رهيو، اها تاريخي قدرتي آفت هئي ج??هن اسان جي معيشت کي نقصان پهچايو، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جي مسئلن ڪنڌ کنيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي سياسي قائدين، پوليس، فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته وري اسان جي بدقسمتي آهي ??و هتي هڪ اهڙو وزيراعظم مڙهيو ويو ج??هن اي پي ايس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جيل مان آزاد ڪرايو ۽ معاف ڪيو، قبائلي ع??ام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم ا??هن دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي اسان جي قبائلي علائقن ۾ رهايو، ملڪ جي معاشي ۽ سيڪيورٽي بحران جي پٺيان اڳوڻو سليڪيٽيڊ وزيراعظم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ جمهوريت جي بحالي لاءِ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو ج??هن جي ڪري ڪجهه جمهوري قوتن پوري طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پاڪستان جي ع??ام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪئي، ا??هن سمورن قدمن جو مقصد جمهوريت کي بدنام ڪري هاءِ بريڊ نظام قائم ڪرڻ هو، عمران خان کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي هر جمهوري قدم تي سدائين غيرجمهوري رويا سامهون آيا، اسان جمهوري طور تي بي اعتمادي جي رٿ آندي ج??هن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان ا??هن بحرانن کي م??هن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته ا??هن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن، ا??هن کي خبر آهي ??ه پاڪستان جيڪڏهن جمهوريت طرف گامزن رهيو ته ا??هن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪ??هن آئين ۽ قانون تحت ڊيم فنڊ قائم ڪرڻ جو اختيار نه هو. هن چيو ته هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها ڇو ته 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين.