اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي سارسنڀال جي خدمتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي صحت ۽ ڀلائي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ افغانستان سيمنز ??يل??ائزز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته طبي ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ملڪ جي صحت جي نظام کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ??يل?? پروفيشنلز ملڪ جي مستقبل جي صحت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ صحت ج?? شعبي ۾ چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪن. صدر صحت ج?? شعبي ۾ سرڪاري، نجي ادارن ۽ اين جي اوز جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي بهتري، ڇ??تيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان جي صحت ج?? شعبي جي ترقي جي لاءِ سيمز ??يل??ائزز جي ڪ??شش?? کي ساراهيو. سي سي او خرم جميل صدر کي سيمنز ??يل??ائزز جي پاڪستان ۾ صحت ج?? شعبي ۾ خدمتن بابت بريفنگ ڏني.