اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مجد اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي عهد جو نظم ??و سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذيب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو ه?? وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو هُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو وڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امجد اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن ??ي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊراما ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدت?? تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام ??حروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.