اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سرديءَ کان بچ??ءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري ??يون پهچايون پيون وڃن، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??رڪيه جي سفارتخاني جي دوري ??ي موقعي تي ڪيو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي ڪري قيمت جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، هولناڪ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، اسان جون سموريون همدرديون ترڪ ڀائرن سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪ ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه موڪلڻ جو سلسلو جاري ??هي، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري ??يون شامل آهن، سرديءَ کان بچ??ءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري ??يون پهچايون پيون وڃن. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائرن جي لاءِ فضائي، سامونڊي ۽ ٽرڪن ذريعي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ??ه ٽرينن جي ذريعي به امداد جي فراهمي تي غور ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفير روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪري ??هيا آهن ??نهن ??ي ڏس ۾ امدادي سامان جي فراهمي جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته زلزلي متاثرين جي بحالي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري ??کنداسين، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ترڪ حڪومت 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ تازي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن ??رڪيه جي سفير کي چيو ته هو ترڪ ڀائرن جي ضرورتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ??ه جيئن انهن ??ي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ امداد جو بندوبست ڪ??ي سگهجي، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي، ترڪ ڀائرن جي مدد لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان وڏي پئماني تي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي، زلزلي متاثرين جي بحالي وڏو چئلينج آهي، پاڪستان جو نجي ۽ سرڪاري ??عبو مدد جي لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي چيو ته تازي زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون، پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو آهي جنهن ??ي پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه ۾ تازي زلزلي جي ڪري فوت ٿيندڙن جو انگ 35 هزار کان وڌيڪ آهي ۽ اسان کي ان صورتحال ۾ وڏو چئلينج درپيش آهي. هن چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري ??هن، پاڪ فوج، اين جي اوز ۽ پاڪستان جا سرندي وارا ماڻهو امدادي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهيا آهن ??نهن ??ي انهن ??ا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.