اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ ا?? جي صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو ڪندي اڳوڻ?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم نيڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيڪا کي فوري طور تي ??عال بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قدم کڻي ۽ نيڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪندي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو وڃي. وزيراعظم نيڪا جي ماهر?? جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت جي لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (نيڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ا?? جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي نيڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم نيڪا جي سڌار?? جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻ?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاق?? وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي ??زير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.