ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي ز??ر ڏنو آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪ??ڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راش?? المڪتوم سان ملاقات ڪئي. شيخ محمد بن راش?? المڪتوم وزيراعظم جو دبئي ۾ استقبال ڪيو ۽ ان جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪ??ڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات لاڳاپن جي اهميت تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات کي هڪ اعتماد جوڳو سياسي ۽ اقتصادي حصيدار طور ڏ??ي ٿو. هن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ موقعا ڳولڻ تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ موجوده ٻطرفن لاڳاپن کي هر سطح تي وڌائڻ جي طريقن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ انهن کي ٺوس حصيداري ۾ تبديل ڪ??ڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي جي وچ ۾ رابطي کي تيز ۽ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي ز??ر ڏنو. شيخ محمد بن راش?? المڪتوم پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي ساراهيو جنهن گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ محمد بن راش?? المڪتوم کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪ??ي ورتو.