اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اها ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ ??ان گڏوگڏ ثقافت جي فروغ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي، نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو موجود آهي، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪُنجي ا??ان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي. ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، نوجوانن شارٽ فلمز جي ذريعي پ??ڪستان جو مثبت تشخص دنيا آڏو آندو. هو نيشنل ايميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڪابينا ميمبر، پارليامينٽرين، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظ?? شهباز شريف چيو ته نيشنل ايميچور فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلمون تيار ڪري نوجوانن ا??ان جا ڳاٽ فخر ??ان بلند ڪري ڇڏيا آهن، نوجوانن ڏينهن رات محنت ڪري هن معاشري ۾ پاڻ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي، ايوارڊ کٽيندڙن اڄ جي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڪامياب ٿيندڙن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن سلطان احمد بند سلائم جي پ??ڪستان اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته ان جو تعلق ا??ان جي دوست ملڪ ??ان آهي، ان کي پ??ڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظ?? شهباز شريف چيو ته اڄ ناليج جو دور آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ??ان ا??ان جي نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو آهي. هن چيو ته نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين شارٽ فلم جي ذريعي پ??ڪستان جو حسن، قديم ورثو، درياءَ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي خوبصورتي ??ان عڪاسيڪ ئي ۽ دنيا کي ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪنجي ا??ان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي، ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سلا ٿي ويا آهن، پر قائداعظم جو خواب پورو ناهي ٿيو، قائداعظم جي خواب کي ا??ان جي نوجوان نسل کي ئي پورو ڪرڻو آهي، نوجوان نسل ئي پ??ڪستان ??ي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي. هن چيو ته اتحادي حڪومت پاران يقين ڏياريان ٿو ته هتي فلم انڊسٽري بابت جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن انهن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته 60ع، 70ع، 80ع جي ڏهاڪي ۾ ا??ان جي ڊرامن جي پنهنجي اهميت ه??ي، فلم انڊسٽري ۽ ڪلچر ۾ بيشمار ڪم ٿيو، اهو به وقت آيو جڏهن فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون ۽ سئنيما بند ٿي ويا. هن چيو ته اڄ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جيڪا پوري پ??ڪستان مان ٽيلينٽ کي سامهون آڻيندي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظ?? شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي مخاطب ڪندي چيو ته فلم فيسٽيول ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ 15 نوجوانن کي اسڪالرشپ تي موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اهو انگ تمام گهٽ آهي، ان جو انگ 50 ڪيو وڃي جنهن ۾ 25 ٻار ۽ 25 ٻارڙيون هجن.