اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب ا??ار??ت جي پرڏيهي معاملن ۽ عا??مي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ا??ار??ت جي پرڏيهي وزيرن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف کي ورجائيندي افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عا??مي ڪوششن کي اڳتي وڌائ?? ۽ ??ورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سم??رن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عا??مي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.