اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ملاقا?? ڪئي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي آرمي چيف بڻجڻ تي قوم خوش آهي، عوام ۽ فوج جي وچ ۾ اعتماد ۽ محبت جا رشتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته توهان جهڙي قابل آفيسر جي قيادت اداري جي پيشيواراڻي ترقي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ جنرل سيد عاصم منير جي وزيراعظم اها پهرين ملاقات هئي.