ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ ۽ همدردي جو اظهار ڪرڻ تي ازبڪ صدر جا ٿورا مڃيا. هن موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي ڪري انساني جانين جي زيان ۽ فصل، چوپائي مال، گهرن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي پهچندڙ نقصان بابت کيس آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن جي ??صو??ي حوالي سان ٻطرفي تعاون ۽ ريل، رستي ۽ بندرگاهن ذريعي علائقائي رابطي جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم شهباز شريف ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري لنگهه جي معاهدي ۽ ترجيحي واپاري معاهدي کي مڪمل طور ت?? فعال ڪري سياسي لاڳاپن، تيز رفتار واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. و??ير??عظم ويجهي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ تعليم، ثقافت ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. و??ير??عظم چيو ته آزاداڻي ويزا نظام سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿيندي. و??ير??عظم ٽرانس افغان ريلوي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ افغانستان، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي فني ٽيمن پاران افغانستان جي اندر منصوبي تي ڪم جي ڪامياب پڄاڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن ذريعي وچ ايشيائي ملڪ دنيا جي ٻين ملڪن سان موثر طريقي سان واپاري طور ت?? ڳنڍجي ويندا. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??صو??ي تجويزون ۽ منصوبا تيار ڪرڻ جي لاءِ بين الحڪومتي ڪميشن جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ڪيو. و??ير??عظم صدر شوڪت مرزيوف کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جڏهن ته ازبڪ صدر پڻ و??ير??عظم کي جلد کان جلد ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.