دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خ??وصي نوعيت کي اجاگر ڪندي قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خ??طري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خ??ي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن دوحه ۾ ”پاڪستان قطر واپار ۽ سيڙپڪاري گول ميز 2022ع“ جي موقعي تي ناليوارن قطري ۽ پاڪستاني واپاري اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. قطر ف??ان??ل سينٽر، پاڪستان بزنس ڪائونسل قطر ۽ دوحه ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل طور تي گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. قطر جي ناڻي واري وزير علي بن احمد انڪواري، قطر جي واپار ۽ صنعت واري انڊر سيڪريٽري سلطان بن راشد ۽ قطر ف??ان??ل ڪنٽر جي سي اي او يوسف الخطر جيدا پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. قطر جي ناليوارن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽويز سان گڏوگڏ قطر ۾ رهندڙ پاڪستانيواپاري برادري جي و??ي انگ پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي خ??اب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خ??وصي نوعيت تي روشني و??ي. هن قطر کي هڪ اعتماد جوڳو پارٽنر قرار ڏنو جنهن جي حمايت کي سچي دل سان ساراهيو ويو. هن سڄي دنيا ۾ شديد مهانگائي جي رجحانن ۽ معاشي ٻاڙائي جي دور ۾ پاڪستان جي سپورٽ تي قطر کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو جڏهن پاڪستان کي و??ي معاسي، واپاري خ??اري ۽ وسيلن تي و??ي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ سميت درآمدات کي گهٽ ڪرڻ جو واحد رستو صنعتي پيداوار ۾ اضافو ۽ قابل تجديد توانائي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي روانگي واپار کي و??ائڻ آهي. ملڪ جي هائيڊرو پاور جي و??ي صلاحيت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خاص طور تي قطري سيڙپڪارن کي فوري منافعي جي لاءِ پن بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. افغانستان ۾ ثالثي جي ڪردار تي قطر کي ساراهيندي هن چيو ته قطر نه رڳو افغانستان پر خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي تمام گهڻي قدرتي ۽ انساني وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خ??ي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻجڻ جي قابل بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته ان منفرد فائدي پاڪستان کي موقعن سان ڀرپور مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچولي طبقي سان گڏ هڪ وڏي صارف منڊي هجڻ جي ڪري پاڪستان غذائي تحفظ، توانائي سميت قابل تجديد ذريعن، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش ڪاروباري موقعا فراهم ڪيا آهن. وزيراعظم قطري سيرپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي قدرم وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خ??طري ڪرائي. هن پاڪستاني ۽ قطري واپارين سان گڏ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پنهنجي آجياڻي واري خ??اب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ خاطرخواهه اضافي جو سبب بڻجندو. گول ميز دوران هڪ معزز پينل ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي و??ائڻ تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. پينل ڊسڪشن ۾ بنيادي طور تي تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪاروباري مضبوط رابطا قائم ٿين، پينلسٽ ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ڪيو ايف سٽ جو چيف بزنس آفيسر الانود بن حمد الثاني، اعزازي سيڙپڪاري ڪائونسلر محسن مجتبيٰ ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر جاويد اقبال شامل هئا.