اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ ??ي) عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب وا??اريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي. او آءِ ??ي ج?? جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت وا??اريل عل??ئقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غيرقانوني قدم کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري ج?? حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلا??ي سربراهي اجلاس ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري ج?? حق کي حاصل ڪرڻ ۾ او آءِ ??ي ج?? يڪجهتي کي ورجايو. بيان ۾ ڪشميرين جي بنيادي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي وا??س وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي وآهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.