اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 3 اپريل تي جيڪو ??جه?? ڪيو ويو اهو غير آئيني هو، عمران خان آ??ين کي تباهه ڪيو، پي ٽي آءِ غداري ۽ بغاوت جا الزام لڳايا، معاشري ۾ تمام گهڻو بگاڙ آندو ويو، پهريان به چيو هو ۽ هاڻي به چوان ٿو نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽيءَ جو فيصلو عوام آڏو آندو وڃي، اڄ پاڪستان کي بچائڻو آهي ته آ??ين جي بالادستي ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسپيڪر جي رولنگ جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻُڌڻيءَ هيٺ آهي، سڄي قوم جون نظرون هن وقت عدالت تي آهن، اميد ڪريون ٿا ته سپريم ڪورٽ ان ڪيس ۾ جلد فيصلو ڏيندي، جج پاڪستان جي آ??ين ۽ سلامتيءَ تي آنچ آڻڻ نه ڏيندا، هن چيو ته هٽلر نازي هو پر عمران خان نيازي آهي، عمران خان 3 اپريل تي جيڪو ??جه?? ڪيو اهو غير آئيني هو، تحريڪ انصاف وارن بغاوت ۽ غداريءَ جا الزام لڳايا، شهباز شريف چيو ته عمران خان جون معاشي تباهيون ۽ برباديون گهڻيون ٿي ويون آهن، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري پاڪستان کي ڏهاڪا پٺيان ڪري ڇڏيو آهي، قوم جو جيڪو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي ان کي بچائڻو آهي، هر هنڌ ان جو مقابلو ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته ه??ي ته خط جو جواز ڄاڻايو ويو، پنجاب اسيمبليءَ ۾ ڪهڙو خط هو جو اربع ڏينهن پنجاب اسيمبليءَ کي تالا لڳايا ويا، آ??ين ۽ قانون جون ڌڄيون اُڏايون ويون. هن چيو ته جهانگير ترين گروپ ۽ عليم خان گروپ جو شڪرگذار آهيان، حمزه شهباز کي 199 ووٽ مليا آهن، حمزه شهباز مقرر ڪيل ووٽن کان 13 ووٽ وڌيڪ کنيا.