اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب ??ي نئين چو??ڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان سندس عه??ي جو حلف ورتو، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو تعداد موجود هو، تقريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخش رح??ته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب ??ي نئين چو??ڊيل وڏي وزير ميان محمد حمزه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو