اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ف??سط??ني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ف??سط??ن جو تڪرار وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، ف??سط??ني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو ف??سط??ن جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جيڪو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان آيل آهي. ف??سط??ني پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته مسلمان امت جي ف??سط??ن ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر جي تڪرارن سميت حل طلب مسئلا خطن ۾ عدم استحڪام جي بنيادي سببن مان آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر جا ماڻهو پنهنجي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ تي سنگين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار آهن. وزيراعظم ف??سط??ني عوام جي حقن ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي واضح حمايت کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ف??سط??ن جو الميو جيڪو پاڪستاني عوام ۽ پوري دنيا جي مسلمانن جي لاءِ انتهائي ڳڻتي جو سبب آهي وچ اوڀر ۾ بدامني جو مرڪز آهي، ف??سط??ني عوام جي جائز خواهشن کي پورو ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير المالڪي ف??سط??ن تي پاڪستان جا اڻٿڪ حمايت ۽ اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ ف??سط??ن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي تعاون سان گڏوگڏ او آءِ سي سميت ع??ائقائي ۽ عالمي فورمن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.