اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آ??ي، مسلسل ٻيون ڀيرو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آ??ي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وي?? آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا وي?? آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻين عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳ?? آهن. هن چيو ته او آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪ?? آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آهي ۽ ان س??ن ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر ک??ن ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آمد متوقع آ??ي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آ??ي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آ??ي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊ?? آهي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آهي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آ??ي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان او آءِ سي جو باني ميمبر آهي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آ??ي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آ??ي، جيترا پرڏيهي وزير اچي رهي?? آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جوشي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آ??ي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ هي وڏو ق??م آهي.