اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ڪامن ويلٿ پارلياماني ا??سوسيئيشن (سي پي ا??) جي سيڪريٽري جنرل اسٽيفن ٽوئگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڪامن ويلٿ پارلياماني ا??سوسيئيشن جي ا??گزيڪيٽو ڪميٽي جي وقتي چيئرپرسن ايان ??ڊل گرينجر، ايم اين اي شاندانه گلزار خان، قومي اسيمبلي جو سيڪريٽري طاهر حسين، ڪامن ويلٿ پارلياماني ا??سوسيئيشن جي ميمبر ايملي ڊيوس ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار به ان ??وقعي تي موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ فروغ ۾ پارليامينٽ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن وفد کي عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ پارليامينٽ پاران ڪيل قانونسازي جي قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن وڌيڪ چيو ته عورتن جي مالي ۽ سماجي شموليت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته گڏيل قومن ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرامد نه ڪري سگهي، هن ميمبر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪامن ويلٿ پارلياماني ا??سوسيئيشن جي ڪردار کي ساراهيو، ان ??وقعي تي اسٽيفن ٽوئگ صدر کي پاڪستاني تعليمي ماهرن، شاگردن ۽ پارليامينٽ ميمبرن سان ??نهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن عورتن کي بااخيتار بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي قد??ن کي به ساراهيو.