اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻ?? تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻ?? تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. صدر مرحوم جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جميل جي دعا به ڪئي.