اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ صح?? ۽ تعليم سميت سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي ورڪرز کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن جي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، صح??، تعليم سميت سماجي خدمتن جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن آهي ۽ پاڪستان تهريڪ انصاف جي موجوده حڪومت انهي ويزن تي عمل ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صح?? سهولت پروگرام تحت سماجي عوامي صح?? جي تحفظ کي مستحڪم بڻائڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان تقريب جو اهتمام هيلٿ سروسز اڪيڊمي ۽ جرمني جي اداري جي آءِ زيڊ ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جرمني جو صح?? جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان تاريخي ۽ پراڻو تجربو آهي، پاڪستان تهريڪ انصاف قائم ٿيڻ جي موقعي تي جيڪو منشور تيار ڪيو ويو ان ۾ تعليم ۽ صح?? جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي ڇو ته سامجي خدمتن جي حوالي سان صح?? ۽ تعليم جي فراهمي مديني جي رياست جو ويزن هو، جن قومن صح?? ۽ تعليم کي ترجيح ڏني انهن قومن ترقي ڪئي. هن چيو ته صح?? خراب ٿيڻ تي محنت جي ڪمائي علاج تي خرچ ٿي وڃي ٿي، غريب ماڻهو پنهنجو علاج ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪيت وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا ۽ خاندان جو مالياتي نظام متاثر ٿئي ٿو. هن چيو ته بيماري کان بچاءُ، وقت سر سُڃاڻپ ۽ علاج سان ئي ان جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي ٿي. هن چيو ته صح?? سهولت ڪارڊ بهترين قدم آهي، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ شهرين کي صح?? سهولت ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به جلد اها سهولت فراهم ڪئي ويندي، ان ڪ??رڊ سان پوري ڪميونٽي جي انشورنس ٿيندي، ان ڪ??رڊ جي استعمال جو جائزو وٺڻ پڻ ضروري آهي، هيلٿ سروسز اڪيڊمي کي ان جي ذميواري ڏني وئي آهي. هن چيو ته صح?? ڪارڊ ۾ ڪرپشن جو ڪو امڪان نه آهي. هن چيو ته آن لائين تعليم سستي آهي ۽ آن لائين طريقي سان ڏورانهن علائقن ۾ تعليم فراهم ڪري سگهجي ٿي، اهڙي طرح صح?? جي شعبي ۾ جديد ذريعن جو استعمال ڪيو پيو وڃي. هن پوليو کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان صح?? واري وزارت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پوليو ورڪرز پوليو جي خاتمي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته صح?? سميت ٻين شعبن ۾ سماجي خدمتن جي فراهمي لاءِ هيلٿ ورڪرز ۽ ڪميونٽي ورڪرز جي خدمتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، معاشرتي مسئلن جي حل ۾ مسلمان معاشري ۾ مسجدن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، عالم سڳورن، دانشورن ۽ ڪميونٽي جي ورڪرز کي سماجي مسئلن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، مسجدن کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۽ تعليم بالغان جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي، خيبرپختونخواهه ۾ مسجد جي امام کي ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ، ٻارن ۾ غذائي کوٽ سميت ٻين مسئلن بابت ڪميونٽي ورڪرز کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ماءُ جو کير پيارڻ ضروري آهي. هن پاڪستان ۾ صح?? جي شعبي ۾ تعاون تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي قومي صح?? واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب صوبي ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي سهولت ڏني پئي وڃي، ان قدم سان صح?? جي سهولتن جي فراهمي جي معيار ۾ بهتري آئي آهي، ڪيتري ئي آبادي کي صح?? جي هڪ جهڙين سهولتن جي فراهمي وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته جر??ن ڊيولپمينٽ ڪارپوريسن (جي آءِ زيڊ) پاڪستان جو وڏو حصيدار آهي، عوام ۾ صح?? جي دستياب سهولتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ اهم آهي. جرمن سفارتخاني جي ڊپٽي هيڊ آف مشن ڊاڪٽر فلپ چيو ته جرمني پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي لاءِ صح?? سهولت پروگرام ۾ ڀرپور معاونت ڪري رهيو آهي، اهو پائيدار ترقي هدفن جو به اهم نقطو آهي. هيلٿ سروسز اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي خان صح?? سهولت پروگرام جا مقصد بيان ڪيا.