هري پور – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو آهي، وڌندڙ آبادي لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، آءِ ٽي ج?? شعبي تي ڌيان ڏئي ر??انگي واپار به وڌائي سگهجي ٿو ۽ روزگار جا موقعا به پيدا ڪري سگهجن ٿا، ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، تعليم ج?? شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي دور ۾ زبرست ڪم ڪيو. اسپي??ل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو زبردست منصوبو آهي جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت پرويز خٽڪ جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ شروع ڪيو هو، اهو ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان جو منصوبو هو. وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت هيلٿ ڪارڊ به جاري ڪيو هو، وسيلا نه هجڻ جي باوجود سمورن شهرين کي هليٿ انشورنس جي فراهمي تمام وڏو قدم آهي، ا??ان جي صوبائي حڪومت مقامي حڪومتن جي نظام، ماحوليات ۽ سياحت تي به ڀرپور ڌيان ڏنو آهي،. وزيراعظم چيو ته هري پور ۾ يونيورسٽي جي قيام لاءِ ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ٻاهرين ملڪ وڃي ڪوششون ڪيون، ان ??ان ايندڙ نسلا مستفيد ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ملڪ تعليمي ادارن ۽ تعليم جي اعليٰ معيار ??ان ٺهندا آهن، يونيورسٽين مان ملڪ جي مختلف شعبن لاءِ قيادت ميسر ايندي آهي، يورپ پنهنجي بهترين تعليمي ادارن جي ڪري ترقي ڪئي، ماضي جي حڪومتن تعليم ج?? شعبي ۾ ڪم ناهي ڪيو، ٽن طرح جو تعليمي نظام هلي ر??يو هو، قوم هڪ نظريي ??ان وجود ۾ ايندي آهي، ا??ان پنجين تائين هڪجهڙو نصاب متعارف ڪرايو آهي. وزيراعظم چيو ته مستقبل ٽيڪنالاجي جو آهي، اسپي??ل ٽيڪنالاجي زون پورو ايڪو سسٽم آهي، ان ??ان ا??ان جي معاشري تي بهترين اثر پوندا. پاڪستان جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوانن جي تعداد جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آهي ان لاءِ ا??ان تعليم ۾ جيتري وڌيڪ سيڙپڪاري ڪنداسين ايترو ئي ا??ان جي ملڪ لاءِ فائديمند آهي، تعليمي ادارن ۾ نوجوانن جيڪي ڪجهه پڙهي ايندا آهن اهو مارڪيٽ جي ضرورت ??ان هم آهنگ نه آهي، آءِ ٽي ج?? شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي ان ??ان نوجوانن کي ر??زگار جا موقعا ميسر ايندا ڇو ته ا??ان کي نوجوانن جي وڌندڙ تعداد کي ر??زگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي ر??انگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ۾ وڌيڪ اضافي جي اميد آهي، ان شعبي ۾ بي پناهه موقعا موجود آهن، آءِ ٽي ج?? شعبي تي ڌيان ڏيڻ ??ان روانگي واپار به وڌندو ۽ روزگار جا موقعا به. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي حڪومت کي ان منصوبي تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته هن سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيو جيئن جيئن روينيو وڌندو تعليم ۽ صحت ج?? شعبي ۾ وڌيڪ خرچ ڪنداسين، ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، صوبائي وزير عاطف خان، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ ٻيا به موجود هئا، ان کان اڳ وزيراعظم اسپي??ل ٽيڪنالاجي زون جو سنگ بنياد رکيو.