اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان اڄ خميس ڏينهن تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنه??جي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اجلاس ۾ پارٽي اڪابرين کي ڪامياب پاڪستان، احساس پروگرام ۽ صحت انصاف ڪارڊ تحت مختلف سماجي پروگرامن جي تفصيلن سميت ٻين قدمن تي ا??تماد ۾ ورتو ويندو.