اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار ماحولياتي تحفظ منصوبو وقت جي ??هم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آلودگي بابت مسئلن جي ??والي سان منعقد اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هو ملڪ جي وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ??ڪمت عملي جوڙين ۽ ان سلسلي ۾ فوري طور تي سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته صاف سٿرو ۽ آلودگي کان پاڪ پاڪستان اسان جي ??ولين ترجيح آهي. ماحولياتي تبديلي بابت مسئلن جي ??ل لاءِ پائيدار بينادن تي قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته وڏي پئماني تي شهرن ۾ وڻڪاري جي ??ريعي حڪومت وڌ کان وڌ ٻوٽا لڳائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ماحولياتي تبديلي بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ ٻين سي??ئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري، سي??ئر ميمبر بورڊ آف ر??ينيو بابر حيات تارڙ وڊيو لنڪ جي ??ريعي شريڪ ٿيا.