اسل??م آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيٽ م??ن جرنلسٽ پروٽيڪشن بل جي منظوري تي ورڪنگ جرنلسٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته ان بل سان صحافين کي پهريون ڀيرو اهڙا حق حاصل ٿيندا جيڪي رڳو انتها??ي ترقي يافته معاشرن ۾ صحافين کي حاصل آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو قانون عمران خان حڪومت جي صحافتي آزادين سان وابستگي جو اظهار آهي. هن انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو ??هي ته شيرين مزاري منهنجي درخواست تي ان آئيڊيا کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ان قانون تي عملدرآمد صحافين ۽ ان??ن جي ڪم کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ان??ن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.