اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ??اڪ??ر عارف علوي، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور ال??ق قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور ال??ق قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته موجوده حڪومت پاران اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي يوم ولادت باسعادت جي مناسبت سان عشره رحمت اللعالمين ملهايو پيو وڃي جنهن تي آئون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان جي عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي مختلف رخن کي اجاگر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ صه ﷺ کي سڀني جي لاءِ سراپا رحمت بڻائي ??وڪليو، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ سموري انسا??يت لاءِ مشعل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي ??ئي، واضح رهي ته صدر ??اڪ??ر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي ??اءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.